هن المناڪ صورتحال ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي!

يوسف جميل لغاري

هلندڙ وقت ۾ جهڙي ريت عالمي دنيا جي سڀني ترقي پذير ملڪن جي ارتقا کي اڳيان بند اچي ويو آهي ۽ جديد دنيا جا تصور ڏيندڙ سڀئي سُڌريل ملڪ به هن وقت عالمي وبا سبب پريشان حال آهن. تنهن هوندي به

اِهو نه ٿو چئي سگهجي ته اڳتي هلي ڪري هن ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن جو مستقبل ڪهڙو ۽ ڪئين هوندو. ڇو ته هن وائرس آمريڪا کان وٺي ڪري دنيا جي مجموعي طور تقريبن ٻن سون ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ اڃا هن جي پکيڙ جاري آهي. جيستائين هي وائرس مڪمل طور تي ختم نه ٿي ٿئي تيستائين هن ڌرتي کي خطرو لاحق آهي ئي آهي. ميڊيڪل سائنس جا ماهر هن وبا جي ويڪيسن ايجاد ڪرڻ مصرف عمل آهن ۽ ٻئي طرف هي وبا پنهنجو دائرو وسيع ڪندو ٿو وڃي هاڻ ڏسڻو اِهو آهي ته هن کي ڪڏهن ۽ ڪٿي تي مات ملي. تنهن هوندي به ڪجھ اهڙيون ڳالهيون آهن جن تي پاڻ کي الڳ سان سوچڻو آهي ۽ اُنهن تي ٿورو غور ويچار ڪرڻو آهي.

هن صورتحال ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي:

پاڪستان اندر سڀني کان پهريان هن وائرس جو ظهور سنڌ کان ٿيو آهي. ايران کان آيل زائرين جڏهن ڪراچي ائيرپورٽ تي پهتا ته اُنهن منجهان آيل ڪجھ زائرين ۾ هن وبا جون علامتون ظاهر ٿيون. حڪومت سنڌ انهي معاملي ۾ تحرڪ وٺڻ شروع ڪيو ۽ سڀني کان پهريان سنڌ جي سڀني اسڪولن توڙي تعليمي ادارن جون موڪلون ڪيون ويون. اِنهي کان بعد تفريحي ماڳن توڙي درگاهن کي بند ڪيو ويو. مطلب ته جنهن جڳھ تي وائرس جي پکيڙجڻ جو انديشو کين نظر آيو اُنهن جڳهن ۽ ماڳن کي عام ماڻهو لاءَ بند ڪيو ويو. اِنهي کان پوءِ سرڪاري آفيسون ۽ شهرن کي بند ڪرڻ لاءِ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو. هنن فيصلن تائين سنڌ حڪومت جون ڪوششون ۽ حڪمت عمليون جيتوڻيڪ ساراھ جوڳيون آهن. تنهن هوندي به اڃا ڪجھ اهڙا قدم انهن کان کڻڻ وسري ويا آهن جيڪي کين وقت سر کڻڻ کپن ها. هڪ ته شهرن توڙي تفريحي ماڳن کي بند ڪرڻ کان پوءِ کين جلد ئي سنڌ جي سڀئي شهرن ۾ هن وائرس جي بچاءُ لاءَ اسپري ڪرڻ کپندو هو. جيڪو هن وقت تائين ڪنهن به شهر ۾ ڪونه ڪيو ويو آهي ۽ ٻيو ته لاڪ ڊائون جو اعلان ڪرڻ کان پهريان کين انهن ماڻهن بابت ڪا واضع حڪمت عملي يا پاليسي جوڙڻي هئي جيڪي روز ڪمائي ڪري روز کائيندا آهن. سنڌ اندر اهڙن ماڻهن جو ججهو تعداد موجود آهي جيڪي ويچارا روز ڪمائي روز کائيندا آهن. حڪومت انهي معاملي ۾ غفلت جو اعليٰ حد تائين مظاهرو ڪيو آهي.

سماجي اُٿل پٿل جو رُڪجي وڃڻ:

لاڪ ڊائون توڙي ڪاروباري مرڪزن جي بند هجڻ سبب سماجي اٿل پٿل به مڪمل طور تي بند آهي ۽ ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ بند آهن. جن ماڻهن وٽ ٿورو ٿڪو سرمايو موجود آهي سي پنهنجو گذران ڪن پيا ۽ وقت کي مڙئي ٺيلو ڏين پيا. انهن جي برعڪس ڪارخانن، آفيسن ۽ ٻين جڳهن تي ڪم ڪندڙ مزدورن جي روزي جا وسيلا بند آهن ۽ وري مٿان صابڻ سيلفي جو جيڪو غليض ٽريڊ اُڀري ڪري سامهون آيو سو به اسان جي عزت نفس ۽ تهذيب يافته قوم هجڻ واري تصور کي ڌڪ ڏئي رهيو آهي. حڪومت وٽ ماڻهن کي سنڀالڻ ۽ انهن تائين راشن پهچائڻ جو ڪوبه طريقڪار نظر نه ٿو اچي جنهن سبب هي معاشرو جمود جو شڪار ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. جيڪڏهن اِها ئي ساڳي صورتحال جئين جو تئين برقرار رهي ته ممڪن آهي مستقبل ۾ وڏو ڏڪار اچي يا وري ماڻهو بک جهڙي بلا کي منهن ڏيڻ لاءَ ڏوهن جو پاسو وٺڻو پوي. ان لاءَ سماج جي توازن کي برقرار رکڻ لاءِ حڪومت سنڌ توڙي وفاقي حڪومت کي ڪي ڪارڳر اُپاءُ وٺڻ گهرجن.

اسان جون سماجي ذميواريون:

رابطن جي وسيلن جي عام ٿيڻ کان پوءِ ملڪ اندر هر ٽيون ماڻهو پاڻ کي سماجي اڳواڻ توڙي صحافي سمجهڻ لڳو آهي. جيتوڻيڪ هي ٻئي زميواريون انتهائي وڏيون ذميواريون آهن. چڱن ڪم ڪرڻ جون تجويزون ڏيڻ ۽ چڱن ڳالهين کي ٻين تائين پهچائڻ ته هر ڪو چاهيندو آهي پر چڱن ڪمن ڪرڻ کان ڪوبه اڳتي اچڻ لاءِ تيار ڪونه آهي. هن وقت واري صورتحال کي ڏسندي سنڌ اندر سڀني پڙهيل لکيل ۽ سردي وارين شخصيتن تي اَها ذميواري عائد ٿئي ته اُهي پنهنجي اُس پاس توڙي پنهنجي علائقي جي مستحڪ ماڻهن جي پر گهور لهن ۽ وس آهر انهن جي مدد ڪن ڇو ته هر هڪ ڳوٺ ۽ هر هڪ شهر ۾ اهڙا کوڙ سارا ماڻهو آهن جيڪي مدد جي لائق هوندا آهن. هڪ ته پاڻ وٽ بيروزگار طبقو جام آهي ۽ ٻيو ته وسيلن جي اڻاٺ ۽ تنگدستي جو وڏو عالم آهي. ان لاءِ اسان کي پنهنجيون سماجي ذميواريون مڪمل طور تي اَحسن طريقي سان نڀائڻ گهرجن ۽ هن ڏکئي وقت ۾ ڪنهن کي به اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي.

ٻين ڏي ڇو واجهائجي:

وفاقي حڪومت ته هن وقت سنڌ کان مڪمل طور تي لاتعلق آهي ۽ کين سنڌ لاءِ جيترو ڪجھ ڪرڻ گهرجي. اوترو ڪونه ڪري رهيا آهن. پوري دنيا ڄاڻي ٿي ته سنڌ جي وسيلن تي وفاقي قوتون قابص آهن ۽ سنڌ جي سڀني قدرتي وسيلن جو فائدو به اُهي ئي کڻڻ ٿا پر تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به سنڌ تي ڏکيو وقت آيو آهي تڏهن سنڌ انهي ڏکئي صورتحال مان پنهنجي پاڻ کي پاڻ ئي ڪڍيو آهي. وفاق جو اِهو ناروا سلوڪ ازل کان ئي رهيو آهي ۽ رهندو ٿو اچي. ان لاءِ اسان کي هڪ آدرشي فرد هجڻ جي ناتي پنهنجي ماڻهن جي پاڻ مدد ڪرڻي آهي ۽ هن صورتحال سان اڪيلي سر ئي منهن ڏيڻو آهي. اسان جا چونڊيل نمائيدا هجن يا ٽائون توڙي يوسين جا چئرمين سڀئي جا سڀئي عوام جا خير خواھ ڪونه آهن ۽ هر ڪوئي عام ماڻهو ئي راھ ۾ اڪيلو ڇڏڻ جو ماهر آهي. ان لاءَ ماڻهن ۾ سجاڳي توڙي کي کين بهتري طرف وٺي وڃڻ جو ڪم اسان کي ئي ڪرڻو آهي.

بي يقيني واري صورتحال:

سنڌ اندر شهرن توڙي وستي واهڻن کي بند ٿئي ٻه هفتا ٿي چڪا آهن ۽ هنن ٻنهي هفتن تائين ڪنهن به مستحق تائين ڪا به امداد حڪومتي سطح تي ڪونه پهچي سگهي آهي. جيڪڏهن ڪنهن جي ٿوري ٿڪي مدد ٿي به آهي ته اُهو انفرادي طور تي ٿي آهي. يا وري ڪنهن سڄاڻ فرد جي ڪوشش جي عيوض ٿي آهي. جيستائين هي وبا جي مڪمل پاڙ هتان ڪونه ٿي پٽجي تيستائين نه ڄاڻ اڃا الاءَ ڪيترا ڏينهن ماڻهن کي گهرن ۾ بند ٿيڻو پوندو ۽ انهن جو گذر سفر ڪئين ٿيندو ان بابت به سوچڻ گهرجي. هن مهل جيڪا بک ۽ افلاس واري صورتحال جڙي رهي آهي ڇا حڪومت انهي تي ڪنٽرول ڪري سگهندي؟ يقينن هي هڪ اهم نقطو آهي جنهن تي اسان توهان سڀني کي سوچڻ گهرجي. حڪومت هن وقت تائين هن وبا کي ختم ڪرڻ لاءَ گهربل قدم ئي نه کڻي سگهي آهي سواءِ لاڪ ڊائون جي ته اها ساڳي حڪومت ماڻهن کي بک ۽ افلاس کان ڪئين بچائي سگهندي. اچو ته هن المناڪ صورتحال کان عبرت حاصل ڪريون ۽ پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ڌرتي جي وارثي ڪرڻ لاءِ اڳتي اچون نه ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪري سگهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.