ڪورونا وائرس دنيا جو ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو، 33 هزارن کان وڌيڪ فوت

 

ڪورونا وائرس جا سڄي دنيا ۾ حملا جاري آهن ۽ ان وبا سبب عالمي سطح تي 33 هزارن کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 7 لک کان وڌيڪ متاثر ٿي چڪا آهن.

آمريڪا

چيني شهر ووهان مان پکڙجندڙ وائرس ڪوڊ اوڻويهه تي ضابطو ناهي اچي سگهيو ۽ ان سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آمريڪا آهي، جتي 2 هزار 363 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته متاثرن جو انگ هڪ لک 33 هزارن کان وڌي ويو آهي.

اٽلي

ان وائرس سبب اٽلي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 756 ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا، جنهن کانپوءِ اتي فوتين جو گڏيل انگ 10 هزار 779 ٿي ويو آهي.

اسپين

اسپين ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيندڙن جو انگ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 838 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو، جيڪو ان ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن فوتگين جي حساب سان نئون رڪارڊ آهي.

واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ به اسپين ۾ 832 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا، جيڪو پڻ فوتگين جي حساب سان رڪارڊ هو.

آچر ڏينهن اسپين ۾ تازين فوتگين کانپوءِ حياتيون وڃائيندڙن جو مجموعي انگ 6 هزار 528 ٿي ويو آهي.

اسپين ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 هزار کان وڌيڪ ڪيس به سامهون آيا آهن، جنهن کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 78 هزار 797 تائين پهچي ويو آهي.

برطانيا

تازن انگن اکرن موجب برطانيا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران انگلينڊ ۾ 209 ماڻهو فوت ٿيا، جنهن کانپوءِ اتي فوتين جو انگ 1228 تائين پهچي ويو آهي.

نيڌرلينڊ

يورپي ملڪ نيڌرلينڊ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 132 ماڻهن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 771 ٿي ويو، جڏهن ته اتي 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ان وائرس سان متاثر ٿي چڪا آهن.

ايران

ايران ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 123 انساني جانيون ضايع ٿي ويون، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ فوتين جو مجموعي انگ 2640 ٿي ويو آهي.

ايراني اختيارين موجب ملڪ ۾ ان وائرس سان متاثر ٿيندڙن جو انگ هاڻ 38309 تائين پهتو آهي.

صحتياب ٿيندڙن جو انگ

هوڏانهن ان وائرس سبب پيدا ٿيندڙ بيماري ڪووڊ اوڻويهه مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ به وڌي رهيو آهي، جيڪو هڪ لک 46 هزارن کان مٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.