ڪورونا وائرس جي پکيڙ باوجود اتر ڪوريا جا ميزائل تجربا جاري

 

ڪورونا وائرس سبب جتي سڄي دنيا پريشان ۽ ان وبا جي ويڪسين لاءِ جتن ڪري رهي آهي، اتي ئي وري اتر ڪوريا طرفان ميزائل تجربن جو سلسلو جاري آهي.

گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب پابنديءَ باوجود اتر ڪور مختصر فاصلي تائين مار ڪندڙ وڌيڪ ٻن ميزائلن جو تجربو ڪيو آهي.

جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جو چوڻ آهي ته مختصر رينج جا اهي بيلسٽڪ ميزائل سمنڊ ۾ ڪِريا.

ڏکڻ ڪوريا پيونگ يانگ حڪومت جي ان تازي قدم جي مذمت ڪندي ان کي غير ضروري قرار ڏنو آهي.

واضح رهي ته آمريڪا سان جوهري ڳالهين سبب اتر ڪوريا ميزائل تجربن جو سلسلو روڪي ڇڏيو هو پر هلندڙ مهيني جي شروعات کان هيل تائين اتر ڪوريا طرفان اهڙا 4 ميزائل تجربا ٿي چڪا آهن.

گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب به پيونگ يانگ تي اهڙا تجربا ڪرڻ تي پابندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.