واٽس ايپ اسٽيٽس جو دورانيو اڌ ڪري ڇڏيو

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ميسيجنگ ۽ ويڊيو ڪالنگ جي مشهور ترين ايپ واٽس ايپ اسٽيٽس تي لڳائي ويندڙ ويڊيوز جو دورانيو محدود ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب واهپيدارن طرفان واٽس ايپ تي اسٽيٽس طور لڳائي ويندڙ ويڊيوز جو دورانيو محدود ڪري 30 کان 15 سيڪنڊ ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ واهپيدارن کي 30 سيڪنڊن جي هڪ ويڊيو اپ لوڊ ڪرڻ جي ڇوٽ هئي پر هاڻ انٽرنيٽ تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ طرفان اهو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو في الحال رڳو ڀارتي واهپيدارن تي لاڳو آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ آن لائن اسٽريمنگ سائٽ نيٽ فليڪس ۽ ايمازون پرائم به انٽرنيٽ تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جا قدم کنيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.