ڊونلڊ ٽرمپ وڏا شهر مڪمل طور لاڪ ڊائون ڪرڻ جو مخالف

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪورونا وائرس جي پکيڙ تي ضابطي لاءِ نيو يارڪ سميت وڏن شهرن کي مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ اهڙي آگاهي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ذريعي ڏني.

سندس چوڻ هو ته قرنطينه ضروري ناهي پر هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نيو يارڪ، نيو جرسي ۽ ڪنيڪٽيڪٽ جهڙن شهرن جا رهواسي ايندڙ 14 ڏينهن تائين غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.

واضح رهي ته آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيندڙ ماڻهن جو انگ هڪ لک 24 هزار ٿي ويو آهي، جڏهن ته فوتين جو انگ 22 سئو تائين پهچي ويو آهي.

آمريڪي رياست نيو يارڪ ڪورونا وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.