بئنڪاڪ ۾ ڦاٿل 170 پاڪستاني ڏيهه پهچي ويا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ فضائي آپريشن معطل ٿيڻ سبب بئنڪاڪ ۾ ڦاٿل 170 پاڪستاني اسلام آباد پهچي ويا.

ايئرپورٽ ذريعن موجب ايئرپورٽ تي بئنڪاڪ کان ايندڙ مسافرن جي اسڪريننگ مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ سمورن مسافرن کي قرنطينه ۾ رکڻ لاءِ صحت کاتي جي گاڏين ذريعي هوٽل پهچايو ويو آهي.

ايئرپورٽ اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪورونا ٽيسٽ ڪليئر اچڻ تي مسافرن کي گهر موڪلڻ جي اجازت ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.