خيرپور: ستين ڏينهن به لاڪ ڊائون، غريبن جي مدد لاءِ سرندي وارا ميدان ۾ اچي ويا

عوامي آواز رپورٽ
خيرپور: ستين ڏينهن به لاڪ ڊائون، غريبن جي مدد لاءِ سرندي وارا ميدان ۾ اچي ويا
عوامي آواز رپورٽ خيرپور: ستين ڏينهن به لاڪ ڊائون، غريبن جي مدد لاءِ سرندي وارا ميدان ۾ اچي ويا

خيرپور ۾ لاڪ ڊائون سبب شهر ستين ڏينهن به بند رهيو جڏهن ته غريبن جي مدد لاءِ سرندي وارا ميدان ۾ اچي ويا آهن

جميعت علماءِ اسلام، انجمن تاجران خيرپور سماجي اڳواڻ  غفار موريجو ۽ ٻين راشن تيار ڪري خيرپور جي مختلف علائقن ۾ وڃي گهر گهر حقدارن ۾ راشن ورهايو

ان موقعي تي جميعت علماءِ اسلام خيرپور جي اڳواڻن مفتي اسد الله شيخ ۽ مولانا اويس ڦلپوٽو جو چوڻ هو ته موجوده صورتحال ۾ سڀ کان وڏي ذميواري رياست جي آهي ته پنهنجن ماڻهن جو خيال رکي

سماجي اڳواڻ لالا غفار موريجو جو چوڻ هو ته موجوده صورتحال ۾ اسان تي فرض ٿئي ٿو ته اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت جيترو به ممڪن هجي غريبن، مسڪينن، ضرورتمندن، بيمارن، بيواهن، پريشان حال ماڻهن جي مدد ڪريون….

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.