فواد چوڌري به مراد علي شاهه جي ساراهه کانسواءِ نه رهي سگهيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي قدمن کي ساراهيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي مبارڪون ڏنيون آهن.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ خيالن جو اظهار ڪندي فواد چوڌري چيو ته ڪورونا جي معاملي تي ڪجهه صوبائي حڪومتن فعال ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪجهه حڪومتن نه ڪيو، ان معاملي تي سنڌ حڪومت سڀ کان وڌيڪ فعال رهي آهي، سنڌ حڪومت وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ سٺا قدم کنيا، جنهن تي مراد علي شاهه کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو.

پنجاب حڪومت طرفان ڪورونا وائرس خلاف قدمن بابت پڇيل سوال تي جواب ڏيندي فواد چوڌري چيو ته ان تي پنجاب حڪومت کان ئي پڇو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.