ڪورونا وائرس پاڪستان ۾ وڌيڪ 4 حياتيون کسي ورتيون، 1577 متاثر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب اڄ وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ فوتين جو انگ 16 ٿي ويو، جڏهن ته متاثرن جو گڏيل انگ 1577 تائين پهچي ويو آهي.

گذريل رات 12 وڳي تائين ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر ماڻهن جو انگ 1496 هو پر ملڪ جي مختلف حصن ۾ نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ اهو انگ 1577 تائين پهچي چڪو آهي.

اڄ آچر ڏينهن پاڪستان ۾ مجموعي طور 4 فوتگيون ۽ 73 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، انهن ۾ سنڌ ۾ 33، پنجاب ۾ 13، گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخواهه 12-12، آزاد ڪشمير ۽ اسلام آباد ۾ 4-4، جڏهن ته بلوچستان ۾ 3 نوان ڪيس سامهون آيا.

سنڌ

سنڌ ۾ اڄ وڌيڪ 33 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ مريضن جو مجموعي انگ 502 ٿي ويو آهي.

سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان صوبي ۾ وڌيڪ ٻن ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ٻئي مريض نمونيا ۽ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيا، فوتي ڪراچي جا رهواسي آهن.

سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ فوتين جو مجموعي انگ 3 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هيل تائين 14 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جن مان 13 جو واسطو ڪراچي ۽ هڪ جو حيدرآباد سان آهي.

خيبر پختونخواهه

خيبر پختونخواهه جي شهر ايبٽ آباد ۾ به اڄ هڪ فوتگي رپورٽ ٿي آهي، جنهن جي تصديق هزارا جي ڪمشنر ڪئي.

سندس چوڻ هو ته ٻه ڏينهن اڳ ايبٽ آباد جي مقامي اسپتال ۾ داخل ٿيندڙ سردار الياس خان لاڏاڻو ڪري ويو آهي، هو هڪ هفتو اڳ تبليغي جماعت سان گڏ ويو هو.

ڪي پي صحت کاتي صوبي ۾ اڄ 12 نون ڪيسن جي تصديق ڪئي، جنهن کانپوءِ اتي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 192 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 5 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

پنجاب

پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 570 ٿي ويو آهي، جنهن جي تصديق صحت واري وزارت سوشل ميڊيا اڪائونٽن ذريعي ڪئي.

پنجاب جي صحت کاتي موجب ڪورونا وائرس سبب هيل تائين 5 ڄڻا فوت ۽ 5 صحتياب ٿي چڪا آهن.

اسلام آباد

سرڪاري پورٽل موجب اسلام آباد ۾ اڄ وڌيڪ چئن مريضن جي تصديق کانپوءِ گڏيل انگ 39 ٿي ويو آهي.

گلگت بلتستان

گلگت بلتستان ۾ اڄ صحت کاتي جو ملازم ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن کانپوءِ اتي فوتين جو مجموعي انگ ٻه ٿي ويو.

نگر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر شاهه رخ چيما موجب صحت کاتي جي ملازم ملڪ اشدار کي 24 مارچ تي قرنطينه ۾ رکيو ويو هو.

سندس چوڻ هو ته قرنطينه ۾ علاج دوران متاثر ملازم فوت ٿي ويو.

صحت کاتي جي ملازم جي فوت ٿيڻ کانپوءِ گلگت بلتستان ۾ ان وبا سبب فوتين جو انگ ٻه ٿي ويو آهي.

ان کان اڳ گلگت بلتستان ۾ 22 مارچ تي ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ڪندڙ ڊاڪٽر اسامه به ان وبا سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو.

هوڏانهن گلگت بلتستان ۾ اڄ 12 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 123 ٿي ويو، جڏهن ته هيل تائين 6 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.

آزاد ڪشمير

آزاد ڪشمير ۾ به اڄ چئن ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.

آزاد ڪشمير جي صحت واري وزير ڊاڪٽر نجيب نقي وڌيڪ چئن مريضن ۾ وائرس جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اتي هاڻ مريضن جو انگ 6 ٿي ويو آهي.

بلوچستان

بلوچستان ۾ اڄ 3 نون ڪيسن جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ اتي ڪورونا وائرس سان متاثر ماڻهن جو انگ 141 ٿي ويو.

صوبائي صحت کاتي موجب متاثر 141 مريضن مان 4 ڊاڪٽرن سميت 10 ماڻهن جي ٽريول هسٽري ناهي.

بلوچستان حڪومت جي ترجمان موجب هيل تائين ٻه مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هڪ مريض فوت ٿي ويو آهي ۽ 138 مريض علاج هيٺ آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.