امداد ۾ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي خطرناڪ هوندي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته امداد جي ورڇ ۾ ڪرپشن ۽ اقرباپروري خطرناڪ ٿيندي. لاڪ ڊائون جي متاثرين کي صوبائي ۽ وفاقي امداد وزير ۽ پارٽي ليڊر نه ڏين۔ اياز لطيف پليجي چيو ته متاثرن ۾ امداد شفاف علاقائي ڪميٽي ورھائي،جنھن ۾ پريس ڪلب، بار،  ڪاروباري چيمبر جا صدر شامل ڪيا وڃن۔ اياز لطيف پليجي چيو ته ايم پي اي، چيئرمين، ڊي سي ۽ ايس ايس پي به ڪميٽي ۾ شامل ڪيا وڃن۔ اياز لطيف پليجي چيو ره عوام گھرن  رھي۔ ٻاھر نڪرڻ جو مطلب موت کي دعوت ڏيڻ آھي۔  عالم لاڪ ڊائون ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي مدد ڪن۔ اياز لطيف پليجي چيو ته اسپتالن ۾ وينٽيليٽرز ناڪافي آھن، انھن جو تعداد وڌايو وڃي۔ گھربل سامان جلد خريد ڪيو وڃي۔ حڪومت ۽ عوام اٽلي، اسپين، ايران، چين، آمريڪا ۽ ٻين مان سبق حاصل ڪري، اھي ملڪ اسان کان ترقي ۽ سجاڳي ۾ ھزار ڀيرا وڌيڪ آھن پر شروعاتي لاپرواھي ۽ بي ڌياني جي ڪري سوين ماڻھو روز مري رھيا آھن۔ خدا نه ڪري جيڪڏھن اسان وٽ پازيٽو ڪيسن جو سلسلو بند نه ٿيو ته تمام وڏو انساني نقصان ٿيندو۔ اياز لطيف پليجي چيو ته ڪرونا وائرس کان بچاء لاء ڊيوٽيز ڏيندڙ ڊاڪٽر، پراميڊيڪل اسٽاف، پوليس، رينجرز ۽ فوجي جوان تاريخي فرض انجام ڏئي رھيا۔ حڪومت اسپتالن ۾ سمورو ضروري سامان فراھم ڪري۔ پوليس فورسز جي اھلڪارن کي ماسڪ ۽ دستانا ناھن، جنھن ڪري اھي خطري ۾ آھن، اھلڪارن کي محفوظ بنايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.