راشن ورهاست ۾ڪوتاهي برداشت نه ڪبي: مرتضيٰ بلوچ

ملير (ڊر)سنڌ جي انساني وسندين ۽ خاص ترقي واري صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ چيو آهي ته  موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي مزدورن، غريبن ۽  مستحق ماڻهن ۾ راشن جي ورهاست جو طريقيڪار طئي ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ فنڊ به جاري ڪيا آهن ۽ راشن جي ورهاست ۾ ڪنهن به قسم  جي ڪوتاهي ۽ لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي ڪورونا وائرس جي حوالي سان منعقد ڪيل هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ سيد آغا رفيع الله، ڊپٽي ڪمشنر ملير شهزاد فضل عباسي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر احمد علي ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنرز سميت لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملير ضلعي مان چونڊيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن  ساجد جوکيو، راجا عبدرالرزاق بلوچ، سليم بلوچ، محمود عالم ڄاموٽ ۽ شاهينه شير علي، ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين عبدالله مراد، چيئرمين بلديه ملير جان محمد بلوچ، چيئرمين زڪوات ڪميٽي ملير سردار امام بخش هوت پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ بلديه چيئرمين مليرکي ڪورونا وائرس لاءِ ڪيل تيارين جي سهولتن بابت ڊي ايڇ او ملير بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اڄ ملير ضلعي جي لانڍي واري علائقي مانسهره ڪالوني جي ٻن ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس پازيٽو آيو آهي. اجلاس سان خطاب ڪندي صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ چيو ته سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس کان بچاءِ لاءِ جامع منصوبه بندي ڪري رهي آهي ۽ ملير ضلعي جي سمورين يوسيز ۾ برابر جي بنيادن تي راشن تقسيم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي هدايتن تي سنڌ حڪومت پاران مزدورن ۽ مستحق ماڻهن کي راشن جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ عوام مطمئن رهي ته سنڌ حڪومت ان ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.