زلفي بخاري جو خواجا آصف خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سمنڊ پار پاڪستانين بابت وزيراعظم جي خاص مددگار زلفي بخاري ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف طرفان ايران مان زائرين کي بنا قرنطينه جي ملڪ ۾ اچڻ جي الزامن تي قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ان ڏس ۾ زلفي بخاري جو چوڻ آهي ته مان زائرين کي آڻڻ لاءِ پنهنجو اثر استعمال نه ڪيو، خواجا آصف جا الزام سڌو سنئون ڪوڙ آهن.

هن چيو ته خواجا آصف جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ اهرو الزام لڳائي ها ته جيل ۾ هجي ها، اپوزيشن جو نمائندو هجڻ جي حيثيت سان کيس ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهربو هو.

سندس موجب صوبائي حڪومت تفتان بارڊر تي پاڪستاني زائرين کي داخلي جي اجازت جو فيصلو ڪيو هو، ذميوار رياست پنهنجي ماڻهن کي کليل آسمان هيٺ نه پئي ڇڏي سگهي، پاڪستان زائرين کي واپس آڻڻ ۾ منهنجو ڪو ڪردار ناهي، الزامن سان منهنجي ساک متاثر ٿي، تنهن ڪري خواجا آصف خلاف عدالت وڃي رهيو آهي.

زلفي بخاري چيو ته مون کي عمران خان جو ويجهو سمجهيو ويندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو مون کي سولو هدف سمجهندي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.