جيل ۾ ڪورونا جو خطرو: حمزه شهباز ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز رمضان شگر ملز ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت واري درخواست جمع ڪرائي ڇڏي.

لاهور هاءِ  ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ حمزه شهباز طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪورونا وائرس جيلن ۾ به پکڙجڻ جو خدشو آهي ان ڪري ڪورونا وائرس کان بچاءَ کي نظر ۾ رکندي هن جي ضمانت منظور ڪئي وڃي.

درخواست ۾ چيئرمين قومي احتساب بيورو ڊي جي نيب ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.