ڪورونا قدرتي ناهي پر ان کي ليبارٽري ۾ تيار ڪيو ويو…! اڳوڻي سفير جي ڇرڪائيندڙ دعويٰ

گڏيل قومن جي اڳوڻي مستقل سفير حسين هاورن ڪورونا وائرس بابت دعويٰ ڪئي آهي جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي.

 سوشل ميڊيا تي هلندڙ ويڊيو ۾ حسين هارون شروع ۾ چيو ته اڄ ڪلهه ڪورونا وائرس جو موضوع سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ آهي ۽ آئون ان موضوع تي ان ڪري ڳالهه نه ڪئي ڇو ته سڀئي ان تي ڳالهيون ڪري رهيا آهن، ته اهڙي صورتحال ۾ مون کي ڪجهه چوڻ مناسب نه لڳو.

بعد ۾ هن چيو ته جائزو وٺڻ کان پوءِ محسوس ٿيو ته جيڪي اهم ڳالهيون آهن اُهي ڪير ناهي ڪري رهيو، سڀ کان پهرين آئون اِهو عرض ڪندس ته ڪورونا وائرس قدرتي ناهي ان کي ليبارٽري ۾ بڻايو ويو آهي ۽ هي ڪيميڪل هٿيار جي طور تي وڏي سازش جي تيار ڪئي پئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته حقيقت اِها آهي ته 2006ع ۾ آمريڪا جي هڪ ڪمپني حڪومت کان ان جو پيٽنٽ يا منظوري حاصل ڪئي، 2014ع ۾ اِهو ظاهر ڪرڻ جي لاءِ هي ڪنهن هڪ جاءِ تان حاصل ناهي ڪيو ويو آهي ته ان جي ويڪسين جي منظوري ڏني وئي پر ان کي نومبر 2019ع ۾ باقاعده منظور ڪيو ويو جنهن جي ويڪسين اسرائيل ۾ بڻجڻ شروع ٿي آهي.

حسين هارون دعويٰ ڪئي ته ڪورونا وائرس برطانيا جي ليبارٽري ۾ تيار ڪيو ويو آهي جنهن جي رجسٽري آمريڪا ۾ ٿي هئي، پوءِ ان کي ايئر ڪينيڊا جي ذريعي چين جي شهر ووهان جي ليبارٽري موڪليو ويو.

هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي به ڪئي ته آمريڪا چين جي ترقي کان ڪجهه عرصي کان خوف جو شڪار هو.

اڳوڻي سفير ڪورونا کي مخصوص ڪوويڊ -19 نالو ڏيڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته ڪورونا کي سينٽر آف ڊيزيز ڪنٽرول (سي ڊي سي) جي اجازت سان بڻايو ويو.

حسين هارون اِها به دعويٰ ڪئي ته انگيلنڊ ۾ هن وقت هڪ چيني بائيولوجسٽ ڪيڊڪ چينڪ کي حراست ۾ رکيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.