چين ماهر ڊاڪٽر ۽ طبي سامان پاڪستان پهچائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس خلاف جنگ ۾ مدد خاطر چين طرفان 8 ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم ۽ امداد جي هڪ ٻي کيپ پاڪستان پهچي وئي آهي.

ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ موجب چين جو خاص جهاز امدادي سامان کڻي اسلام آباد ايئرپورٽ تي لٿو، جتي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، پرڏيهي سيڪريٽري، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ پاڪستان ۾ چيني سفير چيني عملي جي آجيان ڪئي.

ان خاص اڏام ذريعي ڪورونا جي علاج ۾ ماهر چين جا 8 ڊاڪٽر به پاڪستان پهتا، جيڪي ٻن هفتن تائين پاڪستان ۾ رهندا ۽ چين ۾ ڪورونا وائرس خلاف پنهنجي تجربن بابت پاڪستاني ماهرن کي آگاهه ڪندا.

اسلام آباد ۾ چيني ٽيم جي آجيان کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي پهرين ترجيح صحت جي عملي کي محفوظ ڪرڻ آهي، ٻي ترجيح ملڪ ۾ وينٽي ليٽرن جو انگ ٻيڻو ڪرڻ آهي ۽ خواهش آهي ته اسان جي ٽيسٽنگ جي صلاحيت به ٻيڻي ٿي سگهي.

هن ٻڌايو ته هڪ واڪ ٿرو اسڪينر به پاڪستان ايندو، جنهن سان ٽيسٽ ڪرڻ جي صلاحيت وڌندي.

ان موقعي تي پرڏيهي وزير چين مان ايندڙن ڊاڪٽرن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اسان توهان جي تجربن مان فائدو کڻنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.