ايس ايس پي ٽنڊو الهيار لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن آڏو هٿ ٻڌي ورتا

ٽنڊو الهيار(ويب ڊيسڪ) ايس ايس پي ٽنڊو الهيار رخسار کهاوڙلاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن آڏو هٿ ٻڌي ورتا.

ميڊيا تي گردش هيٺ ويڊيو ۾ ڏيکاريو ويو ته ايس ايس پي ٽنڊو الهيار رخسار کهاوڙ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جي آڏو هٿ ٻڌي چئي رهيو آهي ته خدا جو واسطو، گهرن ۾ رهو، پنهنجي گهر جو پنهنجي ٻارن جو خيال ڪيو، قلم 144 آهي، ان کي هلڪو نه وٺو.

واضح رهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي لاءِ سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ سخت لاڪ ڊائون ڪري رکيو آهي پر ان جي باوجود شهري لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن جنهن تي ڪيترين ئي شهرين کي گرفتار به ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.