ڪورونا وائرس بابت ڇرڪائيندڙ ڳالهيون..!

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) وبائي مرضن جي ماهر آمريڪي سائنسدان انٿوني فائوچي چيو آهي ته ڪورونا وائرس مان صحتياب شخص لاءِ اهو 100 سيڪڙو نٿو ڏئي سگهجي ته اهو ٻيهر متاثر نه ٿيندو.

ڊاڪٽر انٿوني فائوچ هڪ انٽرويو دوران خبردار ڪيو ته ڪورونا وائرس انتهائي تيزي سان پکڙجندو آهي، اهو ڏاڍو پريشان ڪندڙ، مختلف ۽ خطرناڪ وائرس آهي، وائرس جي اڃا تائين ڪا دوا تيار ناهي ٿي، جڏهن ته اهو علامتون نه رکڻ شخص ۾ به ٿي سگهي ٿو.

سندس چوڻ هو اها هڪ اهڙي وبائي صورتحال آهي، جيڪا اسان اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ڏٺي پر سماجي وٿي سان گڏوگڏ هٿ ڌوئي ۽ محتاط رهي بچي سگهجي ٿو.

آمريڪي ٽي وي شو ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ڊاڪٽر انٿوني فائوچ وڌيڪ چيو ته ڪورونا هاڻ هڪ ڀوائتو خواب بڻجي ويو آهي، ايبولا جي ڀيٽ ۾ ڪورونا گهڻي تيزي سان هڪ کان ٻئي انسان ۾ منتقل ٿيندو آهي، اهو وائرس 30 کان 40 سالن جي ماڻهن کي به متاثر ڪري سگهي ٿو، ڪورونا وائرس ڳتيل آبادين، خاص طور پوڙهن ۽ اڳ کان بيمار ماڻهن لاءِ تمام گهڻو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.

هن چيو اهو وائرس موسمي زڪام جيان ناهي، جنهن مان توهان گذرندا آهيو ۽ ان ۾ موت جي شرح 0.1 سيڪڙو هوندي آهي پر هن وائرس ۾ موت جي شرح ان جي ڏهوڻ تي آهي، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ هڪ سيڪڙو آهي، اهو مرض خاص طور نِڇ ڏيڻ ۽ کنگهڻ سان پکڙجندو آهي، جيڪو صحتمندن لاءِ وڏو خطرو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته وائرس سان صحتياب شخص لاءِ 100 سيڪڙو نٿو چئي سگهجي ته اهو ٻيهر متاثر نه ٿيندو، وائرس ختم ٿيڻ جي سائيڪل بابت به تصديقي طور ڪجهه نٿو چئي سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.