رڳو 5 منٽن ۾ ڪورونا ٽيسٽ ڪندڙ ڊوائس تيار

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ماهرن رڳو 5 منٽن ۾ ڪورونا ٽيسٽ ڪندڙ ڊوائس تيار ڪري ورتي.

ان ڏس ۾ ايبٽ ليبارٽريز جو چوڻ هو ته آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن ان کي هنگامي طور تي ڊوائس تيار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ۽ ايندڙ هفتي کان اها ڊوائس آمريڪا ۾ ٽيسٽ لاءِ اسپتالن کي ملڻ شروع ٿي ويندي.

ان ننڍي ٽوئسٽر سائز جي ڊوائس ۾ Molecular Technology استعمال ڪئي وئي آهي، ڊوائس ناڪاري نتيجا رڳو 13 منٽن ۾ ٻڌائي سگهي ٿي ۽ اها سولائي سان ڪيڏانهن به کڻي وڃي سگهجي ٿي.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته ايف ڊي اي ڊوائس جي نتيجن کي تسليم ناهي ڪيو، تنهن ڪري اها رڳو منظور ٿيل ليب ۽ اسپتالن ۾ هنگامي صورتحال ۾ استعمال ڪرڻ جي اجازت هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.