راضيديري ۾ لاڪ ڊائون سبب پورهيت فاقا ڪاٽڻ تي مجبور

راضيديرو(ن ع آ) راضيديري ۽ ڀرپاسي جي شهرن اڳڙا مهتاڻي، فقير ڳوٺ سميت ٽائون اڳڙا  ۾ لاڪ ڊائون جي پنجين ڏينهن به ڪاروبار بند رهيو. لاڪ ڊائون سبب غريب ۽ مزدور طبقو سخت پريشان ٿي ويو آهي. مزدور طبقو روزگار ۽ ڪاروبار بند ٿيڻ سبب فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهي. ٻئي طرف راضيديرو جي صحافين محمد علي شيخ، معشوق احمد ناريجو ، جاويد احمد ٻڌ ، سوشل ورڪر اسير شعيب ٽالپر ۽ سماجي اڳواڻ فوجي شير محمد ناريجو، سرمد علي سيال  پاران پنهنجي وس آهر بيواه عورتن، مزدورن ۽ معذورن ۾ راشن تقسيم ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن جو چوڻ هو ته راشن تقسيم ڪرڻ جو مقصد ڏيکاءُ ڪرڻ هرگز نه آهي. اسان جي ننڊڙي ڪوششن سان ڪنهن مزدور جو چلهو ٻري ته اسان جي لاءِ ان کان وڌيڪ ٻئي خوشي نٿي ٿي سگهي، هنن چيو ته لاڪ ڊائون سبب مزدور ۽ پورهيت طبقو سخت پريشان آهي، ماڻھو فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن. ان موقعي تي مزدورن ۽ پورهيتن پاران وزيراعظم عمران خان ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کان پرزور مطالبو ڪيو  ويو ته  سندن گهرن ۾ شفاف نموني سان راشن پهچائي فاقاڪشي کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.