شهيد قائم الدين سرڪي جا قاتل گرفتار نه ٿيا، ٺل ۾احتجاج

ٺل (رپورٽ : نماڻو نوناري )ٺل ۾ ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي جي جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ خاموش احتجاج،لاڪ ڊائون جي باوجود شهرين احتجاج جاري رکيو،225هين ڏينهن به شهرين پاران احتجاج،جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو،خبر موجب ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جيئي سنڌ چوڪ تي قتل ٿيل ايس يو پي ڪارڪن ۽ شڪارپور سوئيٽس بيڪري مالڪ قائم الدين سرڪي جي خون سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي،مقتول قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن اصغر علي عرف ڳاڙهو ٻرڙو ۽ طالب ٻرڙو کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي وارثن ۽ شهرين پاران احتجاج جو سلسلو جاري آهي،ڪالهه لاڪ ڊائون جي باوجود 225هين ڏينهن به جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي پاران شهرين پاران خاموش احتجاج ڪيو ويو،ان موقعي تي اڳواڻن جمال الدين جوش ٻرڙو،حاڪم ڊول،آصف جوش ٻرڙو،سڪندر ڪنراڻي ۽ ٻين چيو ته 8 مهينا اڳ ڀتي خور جوابدارن پاران ڀتو نه ڏيڻ تان ايس يو پي ڪارڪن ۽ بيڪري مالڪ قائم الدين سرڪي کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو پر افسوس جو هن مهل تائين ڪيس ۾ گهربل ٻن جوابدارن اصغر علي عرف ڳاڙهو ۽ طالب حسين ٻرڙو کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي،جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ پوليس خاموش بڻيل آهي ڪابه ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، هنن چيو ته پوليس ڪيس کي لوڙهڻ چاهي ٿي جنهن ڪري 8 مهينا گذري وڃڻ جي باوجود جوابدارن جي خلاف ڪابه اثرائتي ڪاروائي نه ٿي سگهي آهي،جوابدار ڌر احتجاج ڪرڻ تي ڌمڪائي رهي آهي پر اسان انهن جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون،هنن مطالبو ڪيو ته شهيد قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن اصغر علي عرف ڳاڙهو ۽ طالب حسين ٻرڙو کي گرفتار ڪري مقتول سان انصاف ڪيو وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.