ٽنڊي غلام حيدر ۽ ڀرپاسي پورهيت فاقا ڪاٽڻ تي مجبور

ٽنڊوغلام حيدر(رپورٽ:غلام مرتضي لغاري) حڪومت جي لاڪ ڊائون واري اعلان بعد پنجين ڏينهن به ٽنڊوغلام حيدر مڪمل بند رهيو، جنهن سبب مويا ، نظرپور، ڏندو جا مک روڊ ويران، جڏھن ته روز مره جي مزدوري ڪندڙ پورهيت ماڻھن جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن. ٻئي طرف لاڪ ڊائون بعد واپارين پنهنجي منماني ڪري کاڌي پيتي جي شين ۽ روزمره استعمال ۾ ايندڙ شين جا اگھ پنهنجي مرضيءَ جا مقرر ڪري ٻنهي هٿن سان غريب ماڻهن کي لٽڻ ۽ ڦرڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪري ڏنو آهي. جڏهن ته دڪاندارن پاران کنڊ، چانھ، گيھ، اٽو، چانور، داليون ، سبزي، فروٽ سميت عام واهپي جي شين جون قيمتون هٿرادو مقرر ڪري ڇڏيون، جنهن سبب مسڪين ماڻھو گهر جو راشن وٺڻ لاءِ پريشان بڻجي ويا پر تعلقي انتظاميا پاران دڪاندارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ شهرين غلام مصطفي لغاري، کمن لاکو، محرم لاشاري ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته لاڪ ڊائون سبب دڪاندارن عام واهپي جي شين جا ريٽ هٿرادو مقرر ڪري مسڪين ماڻھن جي کل لاهي ڇڏي آهي مسڪين پورهيت ماڻهون کنڊ، گيھ، اٽي سميت سبزيون وٺڻ کان ڪاثر بڻجي ويا آهن هنن چيو ته اختياريون نوٽيس وٺي مانگهائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.