سڪرنڊ ۾ شهرين کي آن لائن سهولتون ڏيڻ بابت اجلاس

سڪرنڊ (ن ع آ)سڪرنڊ اسسٽنٽ ڪمشنر محمد سليم جتوئي پاران شهرين کي گهرن تائين محدود ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل ۽ کاڌ کوراڪ جون سهولتون فون ڪال تي آن لائين ڏيڻ لاءِ اجلاس ڪوٺايو، اجلاس ۾ ايم ايس تعلقي اسپتال سڪرنڊ آصف رضا بروهي، ميڊيڪل آفيسر نصير ميمڻ، مختيارڪار محمد وسيم لاشاري، ميڊيا سينٽر سڪرنڊ جي صدر قربان عمراڻي، سينيئر صحافي قاضي جاويد سنائي، نياز چانڊيو، مهتاب جمالي، سوشل ورڪر نياز لاشاري سميت ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ محمد سليم جتوئي  پاران  ايمرجنسي فون ڪال سيل متعارف ڪرايو آهي, جنهن ۾ شهرين کي گهر ويٺي طبي سهولتون , ڪريانه جون شيون گهر ويٺي فون ڪال تي گهرائڻ لاء نمبر ڏنا, جڏهن ته سبزي لاء رجسٽرڊ ريڙهين وارن کي ڪالونين ۾ وڃي عوام کي گهر ويٺي سبزي ڏيندا, جنهن جا فون ڪال سوشل ميڊيا تي ڏنا ويا آهن , جڏهن ته تعلقه اسپتال سڪرنڊ ۾ ايمرجنسي لاء 24 ڪلاڪ ڊاڪٽر آن لائين فون ڪال تي شهرين کي ضروري ٽريٽمينٽ ٻڌائيندا. ان موقعي تي ميڊيڪل اسٽور وارن کي پابند ڪيو ويو ته شهرين کي فون ذريعي دوائن جي هوم ڊليوري يقيني بنائي وڃي.  جڏهن ته مختلف ڀيمارين جا ماهر ڊاڪٽر فون ڪال تي 24 ڪلاڪ ماهر ڊاڪٽر موجود هوندا,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.