لاڪ ڊائون سبب ساحلي پٽي جا هزارين خاندان بکن ۾پاهه، سهائتا جي اپيل

ڳاڙھو (رپورٽ : عبدالله راڻو ) سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کانپوءِ ٺٽي جي ساحلي پٽي جا هزارين خاندان بکن ۾پاهه ٿي رهيا آھن، مائرون ٻچن سميت سرندي وارن زميندارن چونڊيل نمائيندن جي درن تي پهچي ٻچن جي پيٽ جي اڃ اجهائڻ لاءِ صدائون ڪري رهيون آهن. روز آڻين ۽ چاڙهين وارا ماڻهو جن جا وسيلا مزدوري سڀ جو سڀ بند ٿئي ويا آھن اهي چئن ڏينهن کان بيروزگاري جوشڪار آهن، سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پورهيتن جي 24ڪلاڪن اندر واهر نه ٿي ته ڪورونا  کان اڳ بکن ۾ما ڻھن جو موت  ٿيڻ جو پڻ انديشو آهي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي لاڪ ڊائون سبب بيروزگار ٿيل پورهيتن جي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.