وفاقي حڪومت جو گڊز ٽرانسپورٽ سڀاڻي کان کولڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ کائڻ پيئڻ وارين شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڊز ٽرانسپورٽ تي پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي وزير اعظم عمران خان چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪري ملڪ ۾ کائڻ پيئڻ جي شين جي کوٽ نه ٿيڻ گهرجي، کائڻ پيئڻ جي شين جي قلت ٿي ته افراتفري ٿي سگهي ٿي ان ڪري رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪنهن مال بردار گاڏي کي نه روڪيو وڃي ۽ سامان جي نقل حرڪت جي لاءِ ٽرانسپورٽ هلائڻ جي اجازت هوندي.

هن چيو ته پاڪستان جي ٽيڪس مان حاصل ٿيل ڪل آمدني 45 ارب ڊالر آهي ۽ آمريڪا رڳو ريليف پيڪيج 2 هزار ارب ڊالر جو ڏنو آهي، ان جي باوجود وفاق ڪجهه ٻيو ڪري رهي آهي ۽ رياستون ڪجهه ٻيو پيون ڪن ڇو ته موجوده صورتحال ايتري آسان ناهي، ڪورونا وائرس جي وبا سڀني جي لاءِ نئين آهي.

هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ به ڪورونا وائرس آيو، جيڪي مختلف رد عمل اچڻ شروع ٿيا، صوبن تي دٻاءُ وڌيو ۽ هن ان جي موجب بندوبست ڪيا پر ظاهري طور اهڙو تاثر مليو جيڪو حڪومت کي سمجهه ۾ نه پيو اچي، حقيقت ۾ ائين ناهي، پاڪستان کي اهڙي صورتحال جو تجربو ناهي.

عمران خان چيو ته آئون ماڻهن کي ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته ٻڻ هفتا اڳ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ اسان لاڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو، پي ايس ايل سميت راندين جا سمورا مقابلا ختم ڪيا ويا.

سندس چوڻ هو ته گڊز ٽرانسپورٽ تان پابندي ختم ڪرڻ کان سواءِ اِهو به فيصلو ڪيو آهي ته کائڻ ۽ پيئڻ جون شيون ٺاهيندڙ ۽ ان سان سلهاڙيل صنعتن کي به ڪم ڪرڻ جي اجازرت هوندي ۽ چار ئي صوبا گڏجي ان طريقي کي اختيار ڪندا.

هن چيو ته ان جي لاءِ اسان نوجوانن جي لاءِ هڪ خاص فورس بڻائي رهيا آهيون ۽ وزير اعظم هائوس جي سٽيزن پورٽل جي ذريعي ان جي ميمبر شپ ڪنداسين، 31 مارچ کان فورس جي لاءِ رجسٽريشن شروع ٿيندي، ان فورس جي اهلڪارن کي سڄي ملڪ ۾ موڪليو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن علائقي مان اوچتو ڪيس سامهون اچن ٿا ته ان علائقي جي ماڻهن جي گهرن ۾ انهن جي ذريعي کاڌو پهچايو ويندو.

عمران خان چيو ته ايندڙ هفتي ڪورونا فنڊ جو اعلان ڪيو ويندو ۽ جيڪي به عطيا ڏيڻ چاهن اُهي ان فنڊ ۾ ڏيندا، غريب طبقي جي هڪ پاسي احساس پروگرام جي ذريعي مالي مدد ڪئي ويندي ته ٻئي پاسي ڪورونا وائرس مان پيدا ٿيل صورتحال جي ڪري بيروزگار ٿيلن جي ان فنڊ مان مدد ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.