ڪورونا وائرس بابت ڄاڻ ڏيندڙ ايپ..!

ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ کي نظر ۾ رکندي صحت جو عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او)سمارٽ فون واهپيدارن لاءِ جلد معملوماتي ايپ متعارف ڪرائيندو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس متاثرن جو انگ 5 لک کان وڌي ويو آهي ۽ هاڻ صحت جي عالمي اداري طرفان هڪ اهڙي ايڇ بڻائڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي جيڪا واهپيدارن کي نه رڳو ڪورونا کان بچاءَ بابت ڄاڻ فراهم ڪندي پر اها ايپ سڄي دنيا ۾ واهپيدارن کي ڪورونا وائرس جي مريضن جي انگ ۽ فوتگين بابت سمورا انگ اکر ٻڌائيندي.

گوگل جي رپورٽ موجب ڊبليو ايڇ او اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس واهپيدارن لاءِ هڪ اهڙي ايپ بڻائي رهيو آهي جيڪا ڪووڊ-19 بابت سموري ڄاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائيندي.

رپورٽن موجب ايپ جو شروعاتي ورجن 30 مارچ تي پيش ڪيو ويندو جنهن ۾ عربي، چيني، انگريزي، فرينچ، ۽ هسپانوي ٻوليون شامل هونديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.