ٿرفائونڊيشن پنهنجي اسپتال ڪورونا وائرس خلاف وقف ڪري ڇڏي

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي ذيلي اداري ٿرفائونڊيشن اسلام ڪوٽ ۾ قائم پنهنجي اسپتال ڪورونا وائرس وبا جي خاتمي لاءِ وقف ڪندي تنهائي مرڪز قائم ڪري ڇڏيو آهي، تنهائي مرڪز کي سمورين بنيادي سهولتن سان ليس ڪندي صحت کاتي ۽ ضلعي انتظاميه حوالي ڪري ڇڏيو آهي،ٿرفائونڊيشن اسپتال ۾ ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڪورونا وائرس واري وابا ۾ ورتل مريضن ۽ شڪي مريضن جي علاج لاءِ تمام سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن،جنهن ۾ 9 ڪمرن تي مشتمل بيڊ،مريض لاءِ پرسنل ضرورت جون سموريون شيون، سينيٽائيزر، هينڊ واش، فيس ماسڪ، اين 95 ماسڪ، آڪيسجن سيلينڊرز، طبي عملي لاءِ ڊسپوزايبل ڪٽس،صابڻ،لاڳاپيل دوائن جو اسٽاڪ ۽ سمورو طبي اوزار حوالي ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ بدين ڪينٽ جي بريگيڊيئر سلمان نذير، ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شهزاد ٿهيم، ايڊيشنل ڊي ايڇ او ٿرپارڪر ڊاڪٽر گورڌن تنهائي مرڪز جو دورو ڪيو ۽ سهولتن جو جائزو ورتو، ميڊيا جي مختلف ٽيمن کي به تنهائي مرڪز جو دورو ڪرايو ويو، دوري دوران ٿرفائونڊيشن جي مينيجر محسن ٻٻر وفد کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪورونا وائرس وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ ٿرفائونڊيشن پاران بين الاقوامي معيار کي سامهون رکندي هر ممڪن سهولت سان ليس تنهائي مرڪز قائم ڪيو ويو آهي جيئن سنڌ حڪومت، صحت کاتي ۽ ضلعي انتظاميا جي ڪوششن کي هٿي وٺرائي سگهجي، هن چيو ته هن ڏکي گهڙي مان اسان ضلعي ٽاسڪ فورس، ڊي سي ٿرپارڪر، تعلقي انتظاميا ۽ صحت کاتي جي مڪمل سهائتا ڪري رهيا آهيون، انهي سهولت کانسواءِ به جيڪا وڌيڪ سهائتا ممڪن ٿي سگهي اها فراهم ڪئي ويندي ته جيئن ڪروبا جهڙي وبا کان محفوظ رکي سگهجي،انهي موقعي تي ڳالهائيندي بريگيڊيئر سلمان چيو ته ان کي ٿرفائونڊيشن جي تنهائي مرڪز واري سهولت ڏسي تمام خوشي ٿهي رهي آهي. ۽ ضلعي انتظاميا به غير معمولي ڪوششون وٺي رهي آهي،هن جذبي تحت ئي وبا کي پوري قوم متحد ٿي منهن ڏيندي ۽ شڪست ان وبا جو مقدر بڻجي ويندي،ڊي سي ٿر شهزاد ٿهيم چيو ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ ضلعي جا سمورا اسٽيڪ هولڊرز هڪ صفحي تي آهن ۽ ان وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششون وٺي رهيا آهن،دوري دوران پاڪستان آرمي جي ڪرنل خالق،ميڊيڪل سپريڊنٽنٽ اسلام ڪوٽ آر ايڇ سي ڊاڪٽر غلام نبي شاھ جيلاني، اسسٽنٽ ڪمشنر نهيد ميراڻي،اسلام ڪوٽ ٽائون چيئرمين ڪمليش ڪمار،مختيار ڪار غفار لاکير،ٿرفائونڊيشن جو فياض شيخ ۽ ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ قربان راڄڙ پڻ موجود هئا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.