ميڊيا ڪورونا بابت عوام ۾خوف جي فضا ختم ڪري: پيمرا

اسلام آباد(م ڊ) پيمرا ميڊيا کي هدايت ڪئي آهي  ته اها ڪورونا وائرس بابت خبرون نشر ڪرڻ وقت عوام ۾ خوف جي فضا ختم ڪري، ريڊيو پاڪستان مطابق پيمرا پنهنجي هدايت نامي ۾ نيوز چئنلن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ان آفت سان ثابت قدمي ۽ نظم ضبط سان منهن ڏيڻ لاءِ عوام ۾ اميد کي هٿي ڏني وڃي. پيمرا ڪورونا متاثر ماڻهن جي علاج جي ڪوريج ۾ احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي، اعلامئي ۾ چيو ويو ته ڪورونا وائرس کان متاثر مريضن ۽ علاج هيٺ ماڻهن جون خبرون ڏيندي ضرورت کان وڌيڪ تشهير ڪرڻ ۽ سنسني پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.