ڏکئي وقت ۾ ڪنهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڏکئي وقت ۾ اسان ڪنهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.

بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جي امداد لاءِ ميڪنزم جي حوالي سان اجلاس ٿيو.

ويڊيو لنڪ تي ٿيندڙ اجلاس ۾ سعيد غني، شيري رحمان، نئير بخاري، سيد نويد قمر، سليم مانڊي والا، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، تاج حيدر، وقار مهدي، امتياز شيخ، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران پ پ چيئرمين سنڌ جي هر ضلعي جي ڊي سي کي پهرين فيز ۾ ٻه ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته غريبن کي راشن جي ورهاست بنا دير شروع ڪئي وڃي.

هن ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن جي مدد لاءِ ٻئي فيز تي سنڌ حڪومت کان بريفنگ پڻ ورتي ۽ زڪوات جي حقدارن بابت به پڇا ڪئي.

سنڌ حڪومت بلاول ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏيندي چيو ته هڪ لک زڪوات حقدارن کي انهن جي اڪائونٽن ۾ پئسا منتقل ڪيا ويا آهن.

پ پ چيئرمين ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جي رابطي جي حوالي سان هيلپ لائن ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پ پ جو بنياد ئي اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو آهي، مان عوام سان عوام مون مان آهي، ڏکئي وقت ۾ اسان ڪنهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.

هن سنڌ حڪومت کي هدايت ڪندي چيو ته هڪ هڪ مزدور جي گهر پهچي کيس راشد ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.