نوابشاهه: شھرين ۾ ٿيليسيميا جي ٻارڙن کي رت جو عطيو ڏيڻ جو جذبو جاڳي پيو

عوامي آواز رپورٽ
نوابشاهه: شھرين ۾ ٿيليسيميا جي ٻارڙن کي رت جو عطيو ڏيڻ جو جذبو جاڳي پيو
عوامي آواز رپورٽ نوابشاهه: شھرين ۾ ٿيليسيميا جي ٻارڙن کي رت جو عطيو ڏيڻ جو جذبو جاڳي پيو

نوابشاهه ۾ ٿيليسيميا جي ٻارڙن جي رت ختم ٿيڻ واري خبر عوامي آواز ٽي وي تي هلڻ بعد شهرين ۾ رت  جو عطيو ڏيڻ جو جذبو جاڳي پيو آهي

ٿيلسيميا جي مرض ۾ مبتلا گلن جهڙي معصوم ٻارڙن کي لڳندڙ رت جي عطيي لاءِ ٿيلسيميا سينٽر نوابشاهه پاران ڊاڪٽر غلام نبي چنو، ڊاڪٽر محمد ايوب چانڊيو، دُر محمد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رت جي ڪيمپ لڳائي وئي

جتي ڳوٺ جي عورتن ۽ مردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري معصوم ٻارڙن جون زندگيون بچائڻ لاءِ رت جو عطيو ڏنو ان موقعي تي ڊاڪٽر غلام نبي چنو ۽ ٻين چيو ته لاڪ ڊائون سبب ٿيلسيميا جي ٻارڙن کي لڳندڙ رت ختم ٿي ويو آهي  جنهن ڪري معصوم ٻارڙن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن ان لاءِ اسان هي ڪيمپ ڳوٺ ۾ لڳائي آهي ته جيئن وڌ کان وڌ رت جو عطيو ڏئي معصوم ٻارڙن جون زندگيون بچائي سگھجن هنن نوابشاهه جي شهرين کي اپيل ڪئي ته وڌ کان وڌ ٿيلسيميا جي ٻارڙن لاءِ رت جو عطيو ڏئي انهن جون زندگيون بچايون وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.