پاڪستان ۾ ڪورونا سبب پهرين فوتي سعادت خان سان گڏ عمرو ڪري موٽندڙ ٻه مريض صحتياب

مردان (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ ڪورونا وائرس جا ٻه مريض صحتياب ٿي ويا، جن کي اسپتال مان فارغ ڪيو ويو آهي.

 ڊپٽي ڊائريڪٽر ميڊيڪل ڪامپليڪس اسپتال ڊاڪٽر جاويد اقبال تصديق ڪندي چيو ته ميڊيڪل بورڊ معائني کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن کي اسپتال مان فارغ ڪري ڇڏيو، صحتياب ٿيندڙ ٻنهي مريضن جو واسطو ڳوٺ منگاه سان آهي ۽ ٻئي ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيندڙ شخص سعادت خان سان گڏ عمرو ڪري موٽيا هئا.

سندس چوڻ هو ته منگاه ۾ وائرس جي موجودگي کي نظر ۾ رکندي ٻنهي ڄڻن کي ٻئي هنڌ رهڻ لاءِ چيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.