سنڌ حڪومت مسجدن ۾ نماز جي اجتماعن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت 27 مارچ کان 5 اپريل تائين صوبي ۾ نماز جي اجتماعن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.

صوبائي حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب بيان جاري ڪندي چيو ته مسجدن ۾ عملي سميت رڳو 5 ماڻهو باجماعت نماز پڙهي سگهندا جڏهن ته مسجدن ۾ جمعي نماز جا اجتماع نه ٿيندا.

هن چيو ته سنڌ حڪومت مسجدن ۾ نماز جي اجتماعن تي پابندي جو فيصلو سمورين عالمن سان ڳالهين کان پوءِ ڪيو آهي جڏهن ته اِها پابندي ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ جي لاءِ لڳائي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.