سعودي عرب يمن ۾ جنگبنديءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

صنعا (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي وڌندڙ خطري سبب سعودي عسڪري اتحاد يمن ۾ جنگبندي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ان کان اڳ گڏيل قومن به سعودي حڪومت کي اهڙو قدم کڻڻ لاءِ خاص اپيل ڪئي هئي.

هوڏانهن حوثي باغين جنگبندي جي اعلان کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته اهي عملي قدمن جا منتظر آهن.

واضح رهي ته يمن ۾ ايران نواز حوثي باغين ۽ سعودي عسڪري اتحاد وچ ۾ گذريل 5 ورهين کان جاري جنگ ۾ وڏي پئماني تي جاني توڙي مالي نقصان ٿيو آهي ۽ اهو ملڪ مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.