ڇا واقعي ۾ سينيٽائزر توهان جا هٿ ساڙي سگهي ٿو…؟ اهم اڳڀرائي ٿي وئي

ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي سڄي دنيا ۾ ماڻهو احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي سينيٽائزر جو استعمال ڪري رهيا آهن. ماهرن ۽ ڊاڪٽرن طرفان به هر ڪلاڪ کان پوءِ 20 سيڪنڊن تائين صابڻ سان هٿ ڌوئڻ يا وري سينيٽائزر مان پنهنجا هٿ صاف ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اهڙي موقعي تي سوشل ميڊيا تي سينيٽائزر جي حوالي سان مختلف افواهه به گردش ڪري رهيا آهن جيئن ته چيو پيو وڃي ته سينيٽائزر هڻي ڪچڻ چلهي جي ڀرسان نه وڃڻ گهرجي ڇو ته ان مان باهه لڳي سگهي ٿي.

سينيٽائزر ۾ الڪوحل جي تعداد جيڪڏهن 50 کان 70 سيڪڙو هجي ته به هڪ سيڪڙو ئي ان ڳالهه جو امڪان هوندو آهي ته هي باهه پڪڙي سگهي ٿو. اسلام آباد ۾ هيلٿ سروسس اڪيڊمي جي ايسوسي ايٽڊ پروفيسر موجب الڪوحل 20 کان 30 سيڪنڊن کان پوءِ هوا ۾ اڏامي ويندو آهي جنهن کان پوءِ ان ڳالهه جو امڪان صفا گهٽ هوندو آهي ته ڪنهن کي باهه لڳي سگهي.

پر سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪير سينيٽائزر ئي چلهي جي ڀرسان بيهي هڻي ته ممڪن آهي ته باهه لڳي وڃي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هر طرح جي سينيٽائز ۾ آئيسو پرو پائل الڪوحل موجود هوندو آهي جنهن جو مقدار گهٽ يا وڌيڪ هوندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.