ڪورونا وائرس حڪومت جو تختو اونڌو ڪرائي ڇڏيو

 

پرشٽينا (ويب ڊيسڪ) ڪوسووو ۾ 6 هفتن کانپوءِ ئي عدم اعتماد جي رٿ ذريعي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو.

ان ملڪ جي حڪومت ڪورونا وائرس خلاف واضح حڪمت عملي اختيار نه ڪري سگهجڻ تي سخت تنقيد کي منهن ڏئي رهي هئي.

حڪومت خلاف پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ ۾ 120 پارليامينٽ ميمبرن مان 82 ميمبرن ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو.

واضح رهي ته حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو هو ته ڪورونا وائرس جي بحران کي نظر ۾ رکندي ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.