جمعي جي نماز تي پابندي لاڳو ڪئي وئي

ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ عالمي سطح تي جدوجهد جاري آهي. اهڙي صورتحال ۾ سڀاڻي جمعي جي موقعي تي وڏن وڏن شهرن ۾ تاريخي مسجدن سميت ننڍين مسجدن ۾ نمازين کي نماز پڙهڻ جي اجازت نه هوندي.

وائرس کي نظر ۾ رکندي ڀارت جي سمورين رياستن ۾ مسجدن ۽ وقف بورڊن طرفان جمعي جي نماز گهر ۾ ئي پڙهڻ جي اپيل ڪئي پئي وڃي.

ڀوپال:

ڪورونا وائرس کي ڏسندي خطرن کان بچڻ لاءِ ڀوپال حڪومت نمازين کي گهرن ۾ ظهر جي نماز ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

حڪومت جي صحيح ٿيل جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهر جي سمورن مسلمانن کي اپيل ڪئي ٿيوڃي ته شريعت جي گنجائش تي عمل ڪندي جمعي جي نماز لاءِ ڪنهن به مسجد ۾ ماڻهو گڏ نه ٿين پر پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ ظهر جي نماز ادا ڪن.

بنگال جي سمورين مسجدن کي بند ڪرڻ جو فيصلو:

ڪورونا وائرس جي وڌندڙ اثرن کي روڪڻ جي بنگال علما ايسوسيئيشن وڏو فيصلو ڪيو آهي. بنگال جي سمورين مسجدن جي ڪميٽين مسجدون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جهاڙڪنڊ:

رانچي جي جي انجمن اسلاميه جمعي جي نماز گهرن ۾ ئي ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. انجمن جي مجلس عامله جي ميٽنگ ۾ اِهو فيصلو ڪيو ويو. جنهن ۾ انجمن راحت فنڊ جي پنج لک رپيا رقم مان غريب، بي گهر ماڻهن ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون ورهايون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.