نئون دمبالو پوليس جي ڪاروائي، ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ

عوامي آواز رپورٽ
نئون دمبالو پوليس جي ڪاروائي، ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ
عوامي آواز رپورٽ نئون دمبالو پوليس جي ڪاروائي، ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ

نئون دمبالو پوليس ڪاروائي ڪري ضلعي کان ٻاھر ويندڙ ڪڻڪ جون ھڪ ھزار ٻوريون ٽرڪ سميت ھٿ ڪري ورتيون

ايس ايڇ او محمد نواز سرائي چيڪنگ دوران ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو

پوليس ڪڻڪ سان ڀريل  ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي نئون دمبالو پوليس چيڪ پوسٽ تي بيھاري ڇڏيو

ڊرائيور  محمود حسن ۽  امير بخش ٻڌايو ته هو ڪڻڪ ميرپورخاص سيٺ رميش لال ڏانھن کڻي وڃي رھيو ھئا ته پوليس انهن کي گرفتار ڪيو آهي

ايس ايڇ او محمد نواز سرائي صحافين کي ٻڌايو ته ڪڻڪ ضلعي کان ٻاهر  کڻي وڃڻ تي پابندي آھي  ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪئي ڪڻڪ هٿ ڪئي آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.