ٿر فائونديشن پنهنجي اسپتال ڪورونا جي علاج لاءِ انتظاميه حوالي ڪري ڇڏي

عوامي آواز رپورٽ
ٿر فائونديشن پنهنجي اسپتال ڪورونا جي علاج لاءِ انتظاميه حوالي ڪري ڇڏي
عوامي آواز رپورٽ ٿر فائونديشن پنهنجي اسپتال ڪورونا جي علاج لاءِ انتظاميه حوالي ڪري ڇڏي

ٿرفائونڊيشن پنهنجي اسپتال ڪرونا وائرس جي مريضن جي علاج لاءِ اسلام ڪوٽ انتظاميه حوالي ڪري ڇڏي

ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڪورونا وائرس جي وابا ۾ ورتل مريضن ۽ شڪي مريضن لاءِ ٿر فائونڊيشن پنهنجي اسپتال ۾ قرطينه سينٽر قائم ڪري ڇڏيو آهي 9 ڪمرن تي   مشتمل سينٽر ۾ مريضن جي ضرورت جون شيون پڻ موجود آهن بدين ڪينٽ جي بريگيڊيئر سلمان، ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شهزاد ٿهيم، ايڊيشنل ڊي ايڇ او ٿرپارڪر ڊاڪٽر گورڌن ايسوليشن مرڪز جو دورو ڪيو ۽ سهولتن جو جائزو ورتو

ان موقعي تي ٿرفائونڊيشن جي مينيجر محسن ٻٻر وفد کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪرونا وائرس وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ ٿرفائونڊيشن پاران بين الاقوامي معيار کي سامهون رکندي هر ممڪن سهولت سان ليس قرنطينه سينٽر قائم ڪيو ويو آهي

انهي موقعي تي ڳالهائيندي بريگيڊيئر سلمان چيو ته ٿرفائونڊيشن جي قرنطينه سينٽر ڏسي تمام خوشي ٿهي رهي آهي

ڊي سي ٿر شهزاد ٿهيم چيو ته ڪرونا وائرس کان بچاءُ لاءِ ضلعي جا سمورا اسٽيڪ هولڊرز هڪ صفحي تي آهن ۽ ان وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششون وٺي رهيا آهن

دوري دوران پاڪستان آرمي جو ڪرنل خالق، اسسٽنٽ ڪمشنر نهيد ميراڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.