صدر عارف علوي جو ڪورونا بابت عالمن کي ڪردار ادا ڪرڻ تي زور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي عالمن تي زور ڀريو آهي ته اهي مصر جي جامعه الازهر جي فتويٰ جي روشني ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ماڻهن کي درس ڏين ته اهي گهرن ۾ نماز پڙهن.

اسلام آباد صدر عارف علوي جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس جي معاملي تي ويڊيو ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ صوبن جي گورنرز ۽ مختلف فرقن سان واسطو رکندڙ عالمن ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي صدر عارف علوي چيو ته عالم ماڻهن کي درس ڏين ته اهي گهرن ۾ نماز پڙهن، ان سان گڏوگڏ ماڻهن کي احتياطي اپائن بابت به آگاهي ڏني وڃي.

هن عالمن جي اتحاد کي ساراهيندي چيو ته بحران کان بچاءَ جو اڪيلو حل سماجي وٿي آهي.

ويڊيو ڪانفرنس ۾ عالمن حڪومتي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ڊاڪٽرن، نرسن توڙي طبي عملي کي خراج پيش ڪيو.

سندن چوڻ هو ته مدرسن جي 30 لک ٻارن کي موڪلون ڏئي رهيا آهيون ۽ وڌيڪ احتياطي اپاءَ به ورتا پيا وڃن، عوام الله کان پناهه ڪري ۽ عبادت ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.