اي سي سي ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ اين ڊي ايم اي کي 5 ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي قومي اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي ۽ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) کي 5 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

اسلام آباد ۾ ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيل اي سي سي اجلاس جي پڌرائيءَ موجب اقتصادي رابطا ڪميٽي اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي.

پڌرائيءَ موجب اي سي سي ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ اين ڊي ايم اي کي به 5 ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن، ان سان گڏوگڏ هائوسنگ وزارت لاءِ ساڍا 27 ڪروڙ رپين جي ٽيڪنيڪي گرانٽ، ايس ڊي جيز جي منصوبن لاءِ ساڍا 5 ارب رپين جي ٽيڪنيڪي گرانٽ جي منظوري به ڏني آهي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ لاءِ جولاءِ 2016 کان مارچ 2019 تائين ٽيرف ايڊجسٽمينٽ جي منظوري به ڏني وئي ۽ ان ٽيرف ايڊجسٽمينٽ جو نوٽيفڪيشن 3 مهينن کانپوءِ جاري ٿيندو.

پڌرائيءَ موجب ڪي اليڪٽرڪ جي نئين ٽيرف سان بجلي جي قيمت هڪ رپئي هڪ پئسي مان وڌي 2 رپيا 89 پئسا في ڪلو واٽ ٿي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.