دنيا جو سڀ کان پهريون  ”باقاعده جانور“ دريافت

پرٿ (ويب ڊيسڪ) عالمي ماهرن جي هڪ ٽيم آسٽريليا مان هڪ اهڙي جانور جا آثار دريافت ڪري ورتا آهن جيڪي اڄ کان 55 ڪروڙ 50 لک سال اڳ موجود هئا ۽ جنهن کي سڀني موجوده جانورن جو ابو قرار ڏئي سگھجي ٿو.

اهو جانور جنهن کي اڪارياواريوٽيا Ikaria Wariootia  جو نالو ڏنو ويو آهي، ڪميءَ جيان آهي  جنهن جي ڊيگھه 2 کان 7 ملي ميٽر ۽ ويڪر 1 کان 2.5 ملڪي ميٽرن تائين هئي.

امڪاني طور تي ان جو جسم به گھڻو نرم هو ۽ اهو مٽي ۾ چُرِ ٺاهي رهندو هو.

ان کي باقاعده جانور  ان ڪري به قرار ڏنو پيو وڃي ڇو جو ان جي رڪازات ۾ اڳيون ۽ پٺيون جسماني حصو، ٻن متوازن (سمٽريڪل) پهلو ۽ هاضمي جي نظام سان سلهاڙيل ڏار (خوراڪ کي جسم ۾ داخل ۽ خارج ڪرڻ لاءِ) موجود آهي.

جيتوڻيڪ ان کان اڳ به اهڙا جاندار دريافت ٿي چڪا آهن جيڪي 80 ڪروڙ ورهيه قديم آهن .

اهو پهريون جاندار آهي جنهن کي صحيح معنيٰ ۾ دنيائي حيوان (اينيمل ڪنگڊم) جو سڀ کان پهريون ارتقائي ميمبر، يعني دنيا جو سڀ کان پهريون باقاعده جانور قرار ڏئي سگھجي ٿو.

ان دريافت جا تفصيل ”پروسيڊنگز آف دي نيشنل اڪيڊمي آف سائنسز۾“ جي تازي پڌرائيءَ ۾ آلائين ڇپيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.