والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم کان پوءِ ڪورونا جا حملا، پهرين فوتگي جي تصديق

سرينگر(ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ هزارين موت جو سبب بڻجندڙ ڪورونا وائرس پهرين ئي ظلم جو شڪار والاريل ڪشمير ۾ به پنهنجا وار شروع ڪري ڇڏيا ۽ اُتي پهرين فوتگي سامهون آئي آهي.

5 آگسٽ 2019ع کان ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون کي منهن ڏيندڙ والاريل وادي ۾ هڪ پاسي ڀارتي ظلم جاري آهي ته ٻئي پاسي ڪورونا وارئس جي ڪري اُتي عوام جي ڏکيائين ۾ واڌ اچي وئي آهي.

ان حوالي سان خابرو اداري جي رپورٽ موجب والاريل ڪشمير جي علائقي حيدرپورا سان تعلق رکندڙ 65 سالن جو شخص وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

سري نگر جي ميئر جنيد عظيم مٽو ٽوئيٽ ڪيو ته اسان ڪورونا وائرس سبب پهرين فوتگي جي بري خبر شيئر ڪري رهيا آهيون، منهنجي دل فوف ٿيل جي وارثن سان گڏ آهي ۽ اسان هنن سان گڏ بيٺا آهيون.

ان کان سواءِ حڪومتي ترجمان روهت ڪونسل ٽوئيٽر ذريعي پهرين موت جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته حيدرپورا سرينگر سان تعلق رکندڙ شخص جو موت ڪورونا وائرس جي ڪري پهريون لاڏاڻو آهي، ان سان رابطي ۾ موجود ٻين 4 ڄڻن جا نتيجا به مثبت آيا آهن.

هن ٻڌايو ته انهن 4 متاثرن سان گڏ گڏيل طور تي متاثرن جو انگ 11 ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.