هنگري ۾ برطانيا جو اعليٰ عملدار ڪورونا وائرس سبب فوت

لنڊن (ويب ڊيسڪ) وچ يورپ جي ملڪ هنگري ۾ مقرر برطانوي ڊپٽي سفير به ڪورونا وائرس سبب زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو.

برطانوي پرڏيهي کاتي هنگري جي تخت گاهه بداپيسٽ ۾ پنهنجي ڊپٽي سفير اسٽيون ڊڪ جي فوتگي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيو.

بيان موجب 37 ورهين جو اسٽيون ڊڪ گذريل سال ڊسمبر ۾ هنگري ۾ مقرر ٿيو هو ۽ سندس لاڏاڻو اڱاري ڏينهن اتي ئي ٿيو.

هوڏانهن هنگري جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ هيل تائين ڪورونا وائرس سبب 10 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جن ۾ برطانوي سفير به شامل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.