نرس ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ موت قبولي ورتو

روم(ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ اٽلي جي هڪ نرس ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي حياتي جو انت آڻي ڇڏيو.

آپگهات ڪندڙ نرس گذريل ڪيترن ئي هفتن کان ڪورونا جي مريضن سان ڀريل اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ خدمتون انجام ڏئي رهي هئي ۽ هوءَ پاڻ به وبا جو شڪار بڻجي چڪي هئي جنهن کان پوءِ هن پنهنجي حياتي جو انت آندو.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ اٽلي جي نرس فيڊريشن تنظيم تصديق ڪئي ته 34 سالن جي ڊينيلا تريزي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ سخت ذهني ڊپريشن جي ڪري پنهنجي حياتي جو انت آندو.

نرس فيڊريشن جي هڪ عهديدار جو چوڻ هو ته آپگهات ڪندڙ نرس گذريل ڪيترن ئي هفتن کان ڪورونا وائرس مان سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقي لمباري جي سڀ کان مصروف اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ خدمتون انجام ڏئي رهي هئي.

نرس فيڊريشن جو چوڻ هو ته آپگهات ڪندڙ نرس جو خيال هو ته جيڪڏهن هو جيئري رهي ته هو وڌيڪ ماڻهن کي به ڪورونا جو شڪار ڪندي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.