اٽليءَ ۾ 6 سئو کان وڌيڪ فوتگين باوجود ماڻهن جون اميدون جاڳي پيون

 

روم (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ اٽليءَ جي ماڻهن کي هاڻ اميد جو ڪرڻو نظر اچڻ لڳو آهي.

اٽليءَ ۾ ڪورونا وائرس سبب صورتحال ايتري قدر خراب آهي جو اتي روز جي بنياد تي 6 کان 7 سئو ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن پر سٺي خبر اها آهي ته هاڻ اٽلي ۾ متاثر ماڻهن جي انگ ۽ روز جي بنياد تي فوت ٿيندڙن جو گراف آهستي آهستي هيٺ وڃڻ شروع ٿيو آهي.

ڪورونا وائرس جي شروعات کان وٺي هيل تائين اٽلي لاءِ ڀوائتو ڏينهن 21 مارچ هو، جنهن ڏينهن 6557 نوان ڪيس سامهون آيا ۽ ان ئي ڏينهن رڪارڊ 793 انساني جانيون ضايع ٿي ويون پر ان کانپوءِ 22، 23 ۽ 24 مارچ تي نون ڪيسن توڙي فوتين جو گراف هيٺ ٿيندي نظر آيو.

اٽلي ۾ 22 مارچ تي 651، 23 مارچ تي 601 ۽ 24 مارچ تي 743 ماڻهو ڪورونا وائرس سبب حياتيون وڃائي ويٺا.

جيتوڻيڪ اٽلي جي حساب سان اهو انگ گهٽتائي ڏانهن وڃي رهيو آهي پر دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اهو انگ هاڻ به تمام وڌيڪ آهي.

تازن انگن اکرن موجب نون مريضن جي انگ ۾ چوٿين ڏينهن 7.5 سيڪڙو واڌ ٿي، جيڪا ان وبا جي شروعات کان هيل تائين گهٽ ترين واڌ آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران اٽلي ۾ ان مرض سبب وڌيڪ 684 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو آهي، ائين ان ملڪ ۾ وائرس سبب فوتين جو مجموعي انگ 7 هزار 5 سئو کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو انگ 74 هزار ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.