ڪرائسٽ چرچ: مسجد ۾ فائرنگ ڪندڙ دهشتگرد 51 ڄڻن جي قتل جو اعتراف ڪري ورتو

ويلنگٽن(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ گذريل سال مسجد ۾ فائرنگ ڪندڙ دهشتگردي برينٽن ٽيرنٽ پاڻ تي لڳل 51 ڄڻن جي قتل جو الزام قبول ڪري ورتو.

29 سالن جي برينٽن ٽيرنٽ 40 ڄڻن جي قتل جي بندوبست ۽ دهشتگردي جا  الزام به قبول ڪري ورتا.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برينٽن ٽيرنٽ ماضي ۾ انهن الزام کي رد ڪري ڇڏيو هو جنهن کان پوءِ هلندڙ سال جون ۾ ان جي خلاف ڪيس هلڻو هو، پر ڪيس جي ٻيهر ٻڌڻي کان اڳ ئي هن پنهنجا سمورا ڏوهه قبولي ورتا.

برينٽن ٽيرنٽ پنهنجي وڪيل جي ذريعي آڪلينڊ جي جيل مان ويڊيو ڪال جي ذريعي پنهنجن سمورن ڏوهن جو اعتراف ڪيو.

ان دوران جج جسٽس ڪيمرون مينڊر جو چوڻ هو ته ان ڳالهه جو ڏک آهي ته ڪورونا وائرس جي ڪري ان سانحي جو شڪار ٿيل انهن خاندانن کي اهڙي وقت ۾ عدالت اچڻ جو موقعو ناهي مليو جڏهن ته جوابدار پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.