پنجاب جي سڀني جيلن جي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي سڀني جيلن جي قيدين کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ وڏو فيصلو ڪندي عورتن، ننڍي عمر جي قيدين ۽ معمولي ڏوهن ۾ قيد ڪاٽيندڙن جي رهائي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

ان ڏس ۾ ڊي جي ڊائريڪٽوريٽ آف ڊسٽرڪٽ جڊيشري صوبي جي سڀني سيشن ججن کي خط موڪلي ڇڏيو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ لاڳاپيل جيل سپرنٽينڊنٽس کي معمولي نوعيت جي ڪيسن ۾ قيد جوابدارن جي ضمانت جون درخواستون داخل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون وڃن، لاڳاپيل سيشن جج ضمانت جون درخواستون لاڳاپيل ٽرائل ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪن، عورتن ۽ ننڍي عمر جي قيدين جي ضمانت جون درخواستون ترجيحي بنيادن تي منظور ڪيون وڃن، 7 سالن کان وڌيڪ قيد وارن جوابدارن جي ضمانتن جون درخواستون جيل سپرنٽينڊنٽس سڌي ريت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائن.

لاهور هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته آزادي ماڻيندڙ قيدين کي مڪمل اڪيلائي ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو وڃي، جيلن ۾ داخل ٿيندڙ نون قيدين کي به مڪمل اڪيلائي ۾ رکيو وڃي، لاڳاپيل ڊي پي اوز انهن قيدين جي عام ماڻهن سان ملاقاتن تي نظر رکن، جڏهن ته دهشتگردي جي خاص قلمن تحت قيد جوابدارن تي اهي هدايتون لاڳو نه ٿينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.