چين جو ڪورونا سان مقابلي لاءِ طبي ماهر پاڪستان موڪلڻ جو اعلان

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين پاڪستان جي درخواست تي ڪورونا وائرس خلاف مدد لاءِ پنهنجي طبي ماهرن جي ٽيم پاڪستان موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڪورونا وائرس خلاف دنيا سان گڏ چيني سهڪار جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي چين جي نيشنل هيلٿ ڪميشن جي نائب صدر چيو ته پاڪستان طبي ماهر موڪلڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي چين پنهنجي ماهرن جي ٽيم پاڪستان موڪلڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ کانپوءِ چين مسلسل پاڪستان سان پنهنجي تجربن تي ٻڌل ڄاڻ جي ڏي وٺ ڪري رهيو آهي ۽ ڪنٽرول پلان، سڃاڻپ ۽ علاج جا منصوبا به شيئر ڪيا پيا وڃن.

ان موقعي تي چين جي انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي وائيس چيئرمين ڊين بوڪنگ چيو ته ڪورونا کان بچاءَ ۽ ان جي روڪٿام لاءِ چين پاڪستان سان وڌيڪ پنهنجا تجربا شيئر ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.