وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي سطح تي اهم فيصلا ڪيا ويا.

اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، جڏهن ته عسڪري ۽ سول ادارن جي اعليٰ اختيارين سميت ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ، صحت بابت خاص مددگار ظفر مرزا، سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا.

ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪورونا وائرس سبب ملڪي معيشت تي پوندڙ اثرن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته ڊاڪٽر ظفر مرزا موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني.

اجلاس ۾ حڪومتي رليف پيڪيج تي به ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ جزوي لاڪ ڊائون کانپوءِ ملڪ ۾ معاشي استحڪام جي قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.