انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي اڏام جاري، 5 رپيا 85 پيسا مهانگو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي ڪري جتي سڄي دنيا ۾ آئل جا اگهه هيٺ ڪِري رهيا آهن اُتي ئي ڊالر جي اگهه ۾ مسلسل واڌ نظر اچي رهي آهي.

اڄ واپار دوران انٽر بينڪ ۾ ڊالر 5 رپيا 85 پيسا مهانگو ٿيو ۽ هن وقت انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي قيمت 167 رپيا 47 پيسا آهي.

گذريل ڏينهن به ڊالر جي قيمت ۾ 3 رپين جي واڌ ڏسڻ ۾ آئي هئي ۽ هلندڙ هفتي انٽر بينڪ ۾ ڊالر 8 رپيا 48 پيسا مهانگو ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.