پنجاب زڪوات ڪونسل ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن لاءِ 90 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آبا(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي زڪوات ڪونسل صوبي ۾ ڏهاڙيدار مزدورن جي لاءِ 90 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي.

سيڪريٽري زڪوات و عشر عالمگير احمد موجب 90 ڪروڙ رپين جي منظوري وزير اعظم جي اعلان جي موجب ڏني وئي آهي.

هن ٻڌايو ته هڪ لک مزدورن کي 3 مهينن تائين 3 هزار رپيا ماهوار گذارو الائونس ڏنو ويندو. عالمگير احمد موجب ٻن هفتن تائين مزدورن کي امدادي رقم جي ادائيگيون شروع ٿي وينديون.

ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي پيٽرول ۽ ڊيزل 15 رپيا في ليٽر سستو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته مزدورن جي لاءِ 200 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.